شيخ ممون ڌنڌي واري جو ميلو

شيخ ممون ڌنڌي واري جو ميلو: هيءُ ميلو هر سال اسلامي مهيني جمادي الاول جي تاريخ 6، 7، 8 ۽ 9 تي ٽنڊي محمد خان کان 14 ميل پنڌ تي بٺوري روڊ تي وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ چوپائي مال جو وڪرو، سرڪس، اٺن، ڀلن ڍڳن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا، کاڌي پيتي جي شين جا اسٽال، ٻارن توڙي وڏن جي دلچسپي جا سامان وغيره موجود هوندا آهن. هن ميلي ۾ سنڌ جا نامور پهلوان، ملاکڙي ۾ اچي شرڪت ڪندا آهن ۽ ٻارن جي تفريح لاءِ جهولن جو انتظام پڻ ٿيل هوندو آهي. راڳ رنگ جي محفل مچندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو